حشو ڪيولراماڻي

حشو ڪيولراماڻي

حشو ڪيولراماڻي

حشو ڪيولراماڻي: سنڌ جي مکيه ترقي پسند قومي ڪارڪن، اديب، ڪهاڻيڪار، عالم ۽ سنڌ جي فدائيءَ، حشو ڪيولراماڻيءَ جو پورو نالو حشمت ولد ٽهلرام ڪيولراماڻي هو. هن باهمت ۽ باقلم ليکڪ ڀرين جي ڳوٺ/ ڀرياسٽي، ضلعي نوشهري فيروز ۾، 20 ڊسمبر 1914ع تي جنم ورتو. سندس والد ٽهلرام پٽ کيومل روينيو کاتي ۾ ملازم هو ۽ آخر ۾ ٽنڊي آدم ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ جي عهدي تي رهيو. هي ايماندار ۽ انصاف پسند آفيسرن مان هو، حشوءَ ڪيولراماڻيءَ جي پيءُ جي وفات وقت سندس عمر اٺ سال هئي. والد جي وفات کانپوءِ سندس تربيت ۽ تعليم جو انتظام سندس والده جي هٿ هيٺ ٿيو، حشوءَ ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ڀرين جي ڳوٺ ۾ ورتي. مئٽرڪ جو امتحان ڪراچيءَ جي اين. جي. وي. هاءِ اسڪول مان ڏنائين. ان کان پوءِ سترهن ورهين جي ڄمار ۾ هندستان کان ٻاهر ’سيلون‘ هليو ويو، جتان ٻيهر مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. سيلون ۾ رهڻ وقت ينگ مينس ڪرسچن ائسوسيئيشن جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري ٿي رهيو، جنهن سوسائٽيءَ مان سيلون جي ڪيترن سياستدانن ۽ مدبرن تربيت حاصل ڪئي.
حـشـو ڪـيولـرامـاڻـي، ان کان پوءِ 1935ع ۾ انگلنڊ ويو، جتي آڪسفرڊ يـونيـورسـٽيءَ ۾ ’آئي. سـي. ايـس‘ پڙهڻ لاءِ ويٺو، بعد ۾ پهرين ايروناٽيڪل سبجيڪٽ پڙهڻ لاءِ کنيائين، پر انهيءَ کي اڌ ۾ ڇڏي سياسيات ۽ اڪانامڪس پڙهڻ لڳو ۽ آزاد خيال طبيعت سبب ڪا به ڊگري حاصل نه ڪري سگهيو. لنڊن ۾ رهائش دوران ريڊيڪل (Radical) سوچ وارن جي صحبت ۽ اثر هيٺ سوشلزم طرف ڇِڪجي ويو ۽ انگلنڊ جي پورهيت تحريڪ ۾ شامل ٿيو. ان زماني ۾ هندستان جي شاگردن ’انڊيا ليگ، لنڊن‘ ٺاهي، جنهن ۾ ڪرشنا مينن اڳرو هو ۽ اندرا گانڌيءَ به اُن جي ميمبر هئي. حشو ڪيولراماڻي هن تنظيم جو صدر رهيو. انگلنڊ ۾ رهائش دوران ئي حشو ڪيولراماڻيءَ جي پنڊت جواهر لعل نهروءَ ۽ فيروز گانڌيءَ سان به واقفيت ٿي ۽ هندستان جي آزاديءَ سان تعلق رکندڙ گڏجاڻين ۾ اڪثر شرڪت ڪندو هو.
1939ع ۾ حشو ڪيولراماڻي، انگلنڊ مان واپس موٽي سنڌ آيو ۽ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي ڪري واپس لنڊن نه وڃي سگهيو. هي ڪراچي مزدور تحريڪ ۽ شاگرد تحريڪ سان لاڳاپجي ويو. سنڌ ۾ شاگرد تحريڪ جو سرڪردو رهيو. جڏهن سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي شاگردن پاران ڪراچي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽفارم تان فين گهٽائڻ ۽ اهي قسطن ۾ وٺڻ جي تحريڪ هلي، ته ان سموريءَ تحريڪ جو روح روان حشو ڪيولراماڻي رهيو، جڏهن ته هو ڪاليج جو شاگرد به نه هو. هن شاگرد فيڊريشن معرفت فين (Fees) جي واڌ خلاف اهڙي زبردست تحريڪ هلائي، جو ايڪڙ ٻيڪڙ وڏن ماڻهن جي ٻارن کان سواءِ ٻين عام شاگردن فين ڀرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان زماني ۾ ڪاليج جو وائيس پريزيڊنٽ هوتچند مولچند گربخشاڻي هو. آخرڪار ڪاليج اختياريءَ کي حشوءَ جي اڳواڻيءَ ۽ شاگردن جي يڪمشتيءَ اڳيان جُهڪڻو پيو. في ڏهه روپيا ٽرم تي گهَٽائي وئي ۽ شاگردن کي اها قسطن ۾ ڏيڻ جي سهولت به ملي.
حشو ڪيولراماڻي فرقيوار ذهنيت کان بالاتر هو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان ترت پوءِ جڏهن هٽلر جي فاشي قدمن جي خلاف جمهوري ۽ ترقي پسند قوتن گڏجي آواز اُٿاريو، ته حشو ڪيولراماڻي به پنهنجن ساٿين: قاضي مجتبيٰ (پورهيت اڳواڻ)، سنتوش ڌرماڻي ۽ پريتم ٽهلراماڻيءَ (شاگرد اڳواڻن) سان گڏجي، جنگ جي خلاف ڪراچيءَ ۾ مزدورن ۽ شاگردن جو هڪ وڏو جلوس ڪڍرايو، جنهن ۾ ڪراچي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ميمبرن کان سواءِ هاري، مزدور، مهاڻا ۽ ڪانگريسي به وڏي تعداد ۾ شامل هئا. احتجاجي ماڻهن جي هٿن ۾ انگريزن جي خلاف وڏا وڏا پوسٽر هئا. هي شاهي جلوس ڪراچي ميونسپل بلڊنگ کان شروع ٿي خالقڏني هال وٽ ختم ٿيو. حشو ڪيولراماڻيءَ انگريز شاهيءَ جي خلاف ۽ ملڪ جي آزاديءَ جي حمايت ۾ انتهائي جوشيلي تقرير ڪئي، جنهن کان متاثر ٿي، ٻئي ڏينهن مسٽر تاراچند لعلواڻيءَ ’ڪراچي گزيٽ‘ ۾ لکيو ته: ”حشوءَ ان ڏينهن ڪراچيءَ کي ماسڪو بڻائي ڇڏيو هو.“ ڪجهه ڏينهن بعد سندس گهر جي تلاشي ورتي وئي ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو. سندس گهر مان لينن جا اردوءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب لڌا ويا، جڏهن ته حشوءَ کي اردو نه ايندي هئي، پر ڪن سرڪاري جاسوسن اهي ڪتاب سندس گهر ۾ ڦِٽا ڪيا هئا. حشوءَ جي هيءَ گرفتاري سيپٽمبر 1940ع ڌاري ٿي. پهرين کيس ڪراچي جيل ۾ رکيو ويو ۽ پوءِ سکر جيل ۾ بدلي ڪيو ويو ۽ ڏيڍ سال (1941ع تائين) جيل ۾ رهيو. مشهور انقلابي شخصيت پرچي وديارٿيءَ، حشوءَ جي آزاديءَ لاءِ سکر ۾ وڏو جلوس ڪڍرايو، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شامل هئا ۽ اهو جلوس ڏيڍ ميل ڊگهو هو.
حشو ڪيولراماڻيءَ جا سنڌ ۾ سائين جي. ايم. سيد، مزدور اڳواڻ نارائڻ داس بيچر ۽ محمد امين کوسي سان سڀ کان وڌيڪ گهاٽا ۽ ويجها تعلقات هئا. حشو ڪيولراماڻيءَ کي 1942ع ۾ هڪ ڀيرو وري فوجي ماڻهن سان لهه وچڙ جي ڪوڙي شڪ ۾ ٻه مهينا جيل ۾ رکيو ويو. حشو ڪيولراماڻيءَ 1942ع ڌاري سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جوڙي، جنهن ۾ پريتم ٽهلراماڻي ۽ سنتوش ڌرماڻي هن جا ساٿي رهيا. شاگردن ۽ نوجوانن مان ڪيترن تي سندس صحبت ۽ جديد سماجوادي ۽ قومي خيالن جو وڏو اثر پيو، اهڙن نوجوانن ۾ سوڀو گيانچنداڻي، ارجن شاد، ڪرشن کٽواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. هن سوڀي گيانچنداڻيءَ ۽ ڪرشن کٽواڻيءَ سان گڏجي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سلسلي ۾ سڄيءَ سنڌ جو گشت ڪيو.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ حشو ڪيولراماڻي، ڪجهه عرصو سائين جي. ايم. سيد سان گڏجي سنڌين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو ۽ ساڻس قومي سياست ۾ همخيال رهيو. سائين جي. ايم. سيد، حشو ڪيولراماڻيءَ کي پنهنجي تحريرن ۾ پنهنجو ’سياسي استاد‘ سڏيو آهي، جڏهن ته حشو ڪيولراماڻيءَ، سائين جي. ايم. سيد کي پنهنجو ’سياسي استاد‘ ۽ پاڻ کي سندس ’ادبي استاد‘ سڏيو آهي (حوالو: اڄ پڻ چڪيم چاڪ: جي. ايم. سيد). هن 1948ع ڌاري سائين جي. ايم. سيد کي سندس مشهور ڪتاب ’نئين سنڌ لاءِ جدوجهد‘ لکڻ ۽ ترتيب ڏيڻ سان گڏ اُن جي انگريزي ترجمي ‘Struggle For New Sindh’ تيار ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. هن ڪجهه عرصو هڪ ماهوار مخزن ”پاڪستان ٽائيمس“ به جاري ڪئي. حشو ڪيولراماڻيءَ جي سرگرمين ۽ وجود کي پاڪستان جي نوَن حڪمرانن پنهنجين پاليسين لاءِ خطرناڪ سمجهي، کيس 1949ع ۾ چارج شيٽ ڏيڻ کان سواءِ ئي ڏهه مهينا جيل ۾ رکيو ۽ کيس مجبور ڪيو ته هو سنڌ ڇڏي وڃي. حشو ڪيولراماڻي، انهن محب وطن ماڻهن مان هو، جن پنهنجو ديس سنڌ، ڪنهن به صورت ۾ ڇڏڻ نه ٿي گهريو، پر کيس جيل ۾ رکي، مٿس الزام مڙهي، کيس زوريءَ سنڌ بدر ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو.
سنڌ جو قومي شاعر شيخ اياز حشو ڪيولراماڻيءَ جي سوچ ۽ خيالن کان ڪافي متاثر هو. ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران هو ٻئي راتين جون راتيون سياست ۽ ادب تي ڳالهائيندا هئا. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ’ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون‘ ۾ لکيو آهي ته: ”ٽي شخص آهن، جن منهنجي ننڍيءَ عمر ۾ تربيت ڪئي آهي، ۽ جي مان اُنهن سان نه ملان ها ته مان، مان نه هجان ها، ۽ اُهي آهن: حشو، سوڀو ۽ ابراهيم (جويو). انهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي، جيئن روميءَ جي شمس تبريز سان رهي هئي. اِهي ئي ٽي ماڻهو آهن، جي مون کان جيوَن جي ليکي چوکي وٺڻ جا حقدار آهن.“ (ص 48-147). شيخ اياز جي هن راءِ مان سنڌ جي هن عظيم فرزند حشو ڪيولراماڻيءَ جي ادبي ۽ سياسي قد ڪاٺ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ حشو ڪيولراماڻي، محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز، سچا ’رائِسٽَ‘ (Rioist) هئا. حشو، ننڍي کنڊ جي وڏي مفڪر ايم. اين. راءِ سان لنڊن ۾ مليو هو ۽ اُن کان فڪري طرح ڪافي متاثر هو.
جڏهن حشوءَ کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ هن عارضي طرح ڀارت لڏي وڃڻ جو ارادو ڪيو هو ته شيخ اياز، کيس ڪراچي هوائي اڏي تي الوداع ڪرڻ ويو هو. شيخ اياز لکيو آهي ته: ”مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته ڪيئن مان حشوءَ کي هوائي جهاز تي ڇڏي، موٽي برنس باغ ۾ آيو هوس ۽ بئنچ تي ڦان ٿي ڪِريو هوس.“ (جل جل مشعل جل، جنوري 1968ع، ص 24-25).
ڀارت ۾ لڏي وڃڻ کانپوءِ حشو ڪيولراماڻيءَ، اخبار نويسيءَ جو پيشو اختيار ڪيو.1950ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌي لپي (عربي-سنڌي لپيءَ) جي بحاليءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڀارتي آئين ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ تحريڪ هلي ته حشو ڪيولراماڻيءَ ان ۾ سرگرم حصو ورتو. ان ڏس ۾ سنڌو سماج دهليءَ جي زير سايي، سنڌي هلچل جي اڳواڻي حشو ڪيولراماڻيءَ ڪئي، جنهن ۾ هيم ناگواڻي، شنڀو جئسنگهاڻي ۽ ٻيا سندس ساٿي رهيا. 1957ع ڌاري پهرئين ’سنڌي ٻولي ڪنوينشن‘ جي وقت حشو ڪيولراماڻي، ’سنڌو سماج دهليءَ‘ جو صدر هو ۽ هن ان ڪنوينشن ۾ جيڪو تاريخي ڪردار ادا ڪيو، اهو سنڌيت جي هلچل جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو. هن ڪنوينشن ۾ هن هندستان جي پريزيڊنٽ راڌا ڪرشن کي دعوت ڏئي گھرايو هو. اڳتي هلي حشو ڪيولراماڻيءَ ’سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا‘ جي ساٿين سان گڏجي سنڌيت جي ڦهلاءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ لاءِ جدوجهد ۾ وڏو ساٿ ڏنو.
حشو ڪيولراماڻيءَ جي سنڌ ۾ رهائش دوران توڙي سنڌ مان لڏي وڃڻ کان پوءِ هند مان به سائين جي. ايم. سيد سان خط و ڪتابت جو سلسلو جاري رهيو. سندس 20 خط، سائين جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ’اڄ پڻ چڪيم چاڪ‘ ۾ ڏنا آهن، جيڪي حشو ڪيولراماڻيءَ کيس 1948ع کان وٺي آگسٽ 1966ع تائين لکيا هئا. حشو ڪيولراماڻيءَ سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ۽ بحاليءَ جي معاملن، پاڪستان ۽ هندستان جي سياسي صورتحال ۽ باهمي ويڇن بابت انگريزي اخبارن ۾ ڪيترائي ڪالم لکيا، جن کي هن ترتيب ڏئي، اڳتي هلي ڪتابي صورت ۾ Pakistan Exrayedجي نالي سان ڇپرايو هو. حشو ڪيولراماڻي، نه رڳو سنڌيءَ جو سٺو ڪهاڻيڪار هو، پر هن ڪيترين سنڌي ڪهاڻين جو انگريزيءَ ۾ ترجمو به ڪيو هو، جن کي اڳتي هلي مشهور اديب نبي بخش کوسي “Sindhi Short Stories” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ناميارن ڪهاڻيڪارن: امر لعل هنڱوراڻي، تيرٿ وسنت، محمد ابراهيم جويي، سوڀي گيانچنداڻي، سُندري اتمچنداڻي، آنند گولاڻي، جمال ابڙي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي. جي. اُتم، ڪلا پرڪاش، سُڳن آهوجا، غلام رباني آگري ۽ امر جليل جون ڪهاڻيون شامل آهن.
1963ع ۾ جڏهن شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي دهليءَ ويا هئا ته دوستن جي محفلن ۾ شيخ اياز، حشوءَ جا پير پڪڙي چيو هو ته:
I owe half my existence to Hashu. (منهنجو اڌ وجود، حشوءَ جي ڪري آهي.) اياز جي حشوءَ سان اها آخري ملاقات هئي.
سنڌ ۾ ته حشو ڪيولراماڻي پرڻجڻ جي قيد ۾ ڦاسڻ کان پيو ڇرڪندو هو، پر هند ۾ وڃي گهر گرهستي وارو ٿيو ۽ سرلا آهوجا سان شادي ڪيائين، جنهن عورت سان شاگرد هلچل ڪراچيءَ دوران سندس سنيهه جڙيو هو. اولاد صالح هئڻ ڪري ڪيترو عرصو خوش زندگي گذاريائين. سندس پٽ گُل ، مصوريءَ جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪڍيو.
دهليءَ ۾ رهائش جي ٿورن سالن کان پوءِ، حشو اتان ڇڏي اچي بمبئيءَ ۾ وَسيو، پر سنڌي هندن جي بدحالي، وطن جي وڇوڙي ۽ ڀارت ۽ پاڪستان جي حڪومتن جي هڪٻئي سان دشمنيءَ واري روَيي، هن مفڪر شخص جي دل ۽ ذهن تي وڏو اثر ڪيو هو ۽ سندس ذهني ميزان بِگڙي ويو. هن جي دل ۽ دماغ جي حالت اهڙي وڃي بيٺي، جو هو ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون ڪندو هو، جن ۾ هن جو سپر اِيگو (Super Ego) شامل هوندو هو. هو شراب نوشي ۽ رولاڪيءَ جي زندگيءَ جو عادي ٿي ويو هو. وٽس الهاس نگر ۾ رات گذارڻ لاءِ ڪو گهر نه هوندو هو ته هو مساڻ ۾ وڃي سمهندو هو. جي ڪو هن کان پڇندو هو ته هو ائين ڇو ٿو ڪري ته چوندو هو: ”نيٺ ته اتي ئي وڃڻو آهي“ (سر لوهيڙا ڳڀيا: شيخ اياز، ص: 153). حشو، علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جو به دوست هو. هن رولاڪيءَ واري دور ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ کي هڪ خط، پنهنجي مزار جي ڪتبي لاءِ لکيو هو ته:
”هتي اُهو ماڻهو رکيل آهي، جن کيس گهڻو پيار ڪيو ٿي، اُنهن کان ڀڄي ويو، اُن ڳالهه جي ڳولا لاءِ، جنهن جو کيس پاڻ پتو نه هو.“
1970 واري ڏهاڪي جي هڪ طوفاني برساتي رات ۾، حشو ڪيولراماڻي اوچتو گم ٿي ويو ۽ اڄ سوڌو سندس خبر نه پئجي سگهي آهي ته سندس موت ڪيئن ٿيو. حشو، جيڪو پاڻ کي ’واڻيو‘ (واپاري) نه پر ’ڄٽ‘ چوڻ تي فخر محسوس ڪندو هو، اُن جي نه ڪا مزار آهي نه سماڌي، هُو بي نام فضائن ۾ گُم ٿي ويو.
حشوءَ جي دوست شيخ اياز مٿس هڪ نظم لکيو هو، جيڪو سندس ڪتاب ’ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون‘ (ص: 272) ۾ ڇپيل آهي:
الهاس نگر جي تيز هوا،
ڪنهن وقت حشوءَ کي ڳولي ٿي ... !


لفظ حشو ڪيولراماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.12.20  عيسوي

سنڌ جي مکيه ترقي پسند قومي ڪارڪن، اديب، ڪهاڻيڪار، عالم ۽ سنڌ جي فدائيءَ، حشو ڪيولراماڻيءَ جو پورو نالو حشمت ولد ٽهلرام ڪيولراماڻي هو. هن باهمت ۽ باقلم ليکڪ ڀرين جي ڳوٺ/ ڀرياسٽي، ضلعي نوشهري فيروز ۾، 20 ڊسمبر 1914ع تي جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر
ديوان ننديرام
امر جماڻي ڏيپلائي
عنايت الله سومرو سهيل
بادام ناتوان
ناز سنائي
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي
رُڪمڻي سندر چئناڻي
تولا رام ٻالاڻي
ضياء شڪيل احمد
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون